ٿر جو ديپ امر دليپ

ٿر جو ديپ امر دليپ

ٿر جو ديپ امر دليپ

ٿر جو ديپ ”امر دليپ“ (ڪتاب ):هي ڪتاب نوجوان ليکڪ دليپ سنگھه سوڍي جي ياد ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو 2001ع ۾ ڀارت ۾ آيل زلزلي وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ جڳهه ڪِرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو. دليپ سنگهه سوڍو ٿر جي مشهور سياستدان، سماجي اڳواڻ، اديب ۽ وڪيل رامسنگهه سوڍي جو ذهين پٽ هو. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب وليرام ولڀ جو لکيل آهي. هي ڪتاب امر دليپ سنگهه ميموريل ڪاميٽي مٺي پاران، سال 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو. 384 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو